| فوج تي تنقيد بليڪ ميلنگ، اهي ماڻهو ٻيهر اقتدار چاهين ٿا: طلال چوڌري |
لاهور(م ڊ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي اهي ماڻهو وري ڪنهن جي ڪلهي ذريعي اقتدار چاهين ٿا. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته عوام پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي جو حال ڏسي ورتو، جلسي ۾ سواءِ گارين ۽ تنقيد جي ڪجهه نه هو، طلال چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته معرڪه حق ۾ دشمن کي شڪست ڏيندڙ پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ جي پشاور جلسي ۾ ادارن تي الزام تراشي ڪئي وئي، هر ڏينهن باني پي ٽي آءِ جي ايڪس هينڊل سان ملڪي ادارن خلاف اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڪيستائين ڪير خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿو؟