فوج دفاعي زمينن تي شادي هالز ۽ ٻيا ڌنڌا پئي ڪري، خاطري ڪرايو ادارو دفاع ڪندو ڪاروبار نه: سپريم ڪورٽ
فيبروري 15, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪراچي ۾ دفاعي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين متعلق ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا سڀني کي پنهنجي پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهڻ گهرجي، خاطري ڪرائي وڃي ته دفاعي ادارا ڪاروبار نه ڪندا، بلڊرز منافعو وٺي نڪري ويندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ دفاعي زمينن تي ڪمرشل جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته فوج شادي هالز ۽ ٻيو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. يقين ڏياريو وڃي ڪاروبار نه ڪندا ته ٺيڪ آهي. فوج صرف دفاع جوڪم ڪري ڪاروبار نه. سڀني کي پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهڻ گهرجي. فوج پنهنجو ڪم ڪري عدالتون پنهنجو ڪم ڪن. اٽارني جنرل چيو ته اصول ته اهو ئي آهي ته سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن. چيف جسٽس چيو ته اوهان کي اهڙي ئي هدايت آهي ته عدالت کي خاطري ڪرايو. وڪيل اويڪيو ٽرسٽ بورڊ چيو ته جنهن بلڊنگ تي تڪرار شروع ٿيو اها اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي آهي. الاٽيز جعلي دستاويز تي زمين پنهنجي نالي ڪري فروخت ڪري ڇڏي. هاڻي اُتي پنج ماڙ عمارت ٺهي وئي آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پنج ماڙ عمارت ٺهندي رهي تڏهن بورڊ تماشو ڏسندي رهي؟ چيف جسٽس چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملي ڀڳت کان علاوه غيرقانوني تعميرات ممڪن ناهي. ايس بي سي اي جي انسپيڪٽرز ۽ مٿين آفيسرن جا اثاثا چيڪ ڪرائڻ گهرجن. ڪراچي جي سب رجسٽرار جي اثاثن جي آڊٽ به ايف بي آر کان ڪرائي وڃي، سنڌ حڪومت اها انڪوائري ڪڏهن به نه ڪندي. ڊي جي سنڌ بلدنگ ڪنٽرول اٿارٽي عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايس بي سي اي ۾ ڪيترا انسپيڪٽر ۽ آفيسر آهن. ڊي جي ايس بي سي اي جواب ڏنو ته مجموعي طور تي 1400 ملازم آهن. جن ۾ 600 بلڊنگ انسپيڪٽر ۽ 300 سنيئر انسپيڪٽر شامل آهن. عدالت حڪمنامي ۾ چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني تعميراتي ۽ رهائشي عمارتن کي ڪمرشل ڪيو پيو وڃي. بلڊرز منافع وٺي نڪري ويندا اهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اکيون ٻوٽي ڇڏيندي آهي. بلڊنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايس بي سي اي مسمار ڪرڻ لاءِ پهچي ويندي آهي. عمارت ڊاهڻ سان رهواسين جا حق متاثر ٿيندا آهن. تعمير دوران بورڊ لڳائي بلڊنگ جا تفصيل لکيا وڃن. عمارت تعمير ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۾ ايس بي سي اي دير نه ڪري. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.