| فوج رياست جو ادارو حڪومت رياست آهي، توهان وٽ هڪ صوبو آهي، ان تي ڇو نٿا ڳالهايو؟ پاڪ فوج |
اسلام آباد: پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ گورنر راڄ فيصلو حڪومت ڪندي، اسان کي سياست کان پري رکو وڃي، هن چيو ته ”توهان وٽ هڪ صوبو آهي، ان تي ڇو نٿا ڳالهايو؟ ملڪ جا اصل مسئلا ڇو نه ٿا کڻي اچو؟، اسان بار بار چئي رهيا آهيون اسان کي ان معاملي کان پري رکو.سندس چوڻ هو ته اصل معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ فوج جي هڪ هڪ خبر تي پروپيگينڊا ڪئي وئي، خبر نٿي پئي هنن جي دماغ ۾ اهڙا خيال اچن ڪٿان ٿا؟