فوج سان گڏ آهيان: پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالرزاق نيازي پارٽي ڇڏي ڏني

مَي 23, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خانيوال سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عبدالرزاق خان نيازي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عبدالرزاق خان نيازي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي مفادن خاطر پارٽي ۽ سياست ڇڏي رهيو آهيان

هن چيو ته مون اڄ تائين دٻاءُ قبول ناهي ڪيو، قيادت جي سپورٽ بنا 9مئي جهڙا واقعا نٿا ٿي سگهن

عبدالرزاق خان چيو ته پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽ واپس ڪريان ٿو، آئون فوج سان گڏ آهيان

Leave A Comment