فوج متحد آهي، آرمي ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ڏني: آءِ ايس پي آر
مَي 13, 2023
راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته فوج متحد آهي، ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ڏني، مارشل لا جو تاثر رد ڪريون ٿا، جمهوريت سان گڏ آهيون. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اندروني ۽ پرڏيهي پروپئگنڊا باوجود فوج موجوده آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد آهي، فوج ۾ ڪنهن به استعيفي ٰ ناهي ڏني، نه ئي ڪنهن قيادت جي آرڊرز جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪوبه امڪان ناهي اهڙي قسم جي تاثر کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، فوج جمهوريت سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندي، فوجي قيادت جمهوريت جي تسلسل تي يقين رکي ٿي.