فوج مدد لاءِ پهچي وئي، ايمرجنسي نمبرز به جاري: ڊي جي رينجرز جا دورا

جُون 13, 2023

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سامونڊي طوفان جي صورتحال ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ سول انتظاميا سان گڏ فوج به متحرڪ ٿي وئي آهي

پاڪ فوج جا جٿا سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پهتل آهن، جڏهن ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ميجر جنرل بابر جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، رات دير سان بدين ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ، جي او سي حيدرآباد ۽ سول ادارن جي عهديدارن به شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني طور متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ واري آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته  هن ڏکي گهڙيءَ ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ساحلي پٽي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن

جڏهن ته  ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص شاهبندر، سجاول، ٺٽو ۽ بدين جي ساحلي پٽيءَ جا هنگامي دورا ڪيا ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ سرحدي سيڪٽر ڪمانڊرز ۽ ونگ ڪناڊرز جي خاص اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي

ڊي جي رينجرز سنڌ جي هدايت تي ساحلي علائقن سان لاڳاپيل عوام کي محفوظ هنڌن تي منتقلي جو عمل جاري آهي، رينجرز ۽ سول انتظاميه طرفان عوام کي محفوظ منتقلي لاءِ لائوڊ اسپيڪرز تي اعلان ڪيا ويا

شهرين لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون ته شهري هنگامي صورتحال ۾ رينجرز هيلپ لائين 1101 تي يا ويجھي چيڪ پوسٽ سان رابطو ڪن، رينجرز مددگار واٽس ايپ نمبر  03479001111 تي ڪال يا ايس ايم  ايس ڪري پڻ مدد حاصل ڪئي وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام