اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، صدر جي صحيح کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل قانون بڻجي ويا
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڇا آهي ؟
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل موجب ڪو به شخص امن امان جو مسئلو پيدا ڪندو، رياست خلاف ڪم ڪندو، منع ٿيل هنڌن تي حملو يا نقصان پهچائيندو جنهن جو مقصد رياست يا دشمن کي فائدو پهچائڻ هجي ته اهو ڏوهه جو مرتڪب ٿيندو
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل تحت اليڪٽرانڪ يا جديد اوزارن سان گڏ يا ان کانسواءِ ملڪ اندر يا ٻاهر دستاويزن تائين غير لاڳاپيل شخص پهچ حاصل ڪندڙ شخص ڏوهي تصور ٿيندو، پاڪستان جي اندر يا ٻاهر رياستي سيڪيورٽي يا مفادن جي خلاف ڪم ڪندڙ خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ان ڏوهه تي 3 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿينديون
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت جوابدار جو ٽرائل خصوصي عدالت ۾ ٿيندو، عدالت 30 ڏينهن اندر ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو ڪندي
آرمي ايڪٽ ڇا آهي ؟
آرمي ايڪٽ موجب ڪو به فوجي اهلڪار رٽائرمينٽ، استعيفا يا برطرفي جي ٻن سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو، حساس ڊيوٽي تي مقرر فوجي اهلڪار يا آفيسر ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ جي 5 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو، ڀڃڪڙي ڪندڙ اهلڪار کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٿيندي
حاضر سروس يا رٽائرڊ فوجي اهلڪار ڊجيٽل، اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا تي ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو جنهن جو مقصد فوج کي بدنام ڪرڻ هجي، اهڙو ڏوهه ڪندڙ خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي، سزا اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ تحت ٿيندي، آرمي ايڪٽ تحت ڪوئي حاضر سرورس يا رٽائر اهلڪار جيڪڏهن فوج کي بدنام ڪري يا نفرت پکيڙي ته ان کي آرمي ايڪٽ تحت 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي
آرمي ايڪٽ سيڪشن 26 اي ۾ هڪ نئين سيڪشن جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن موجب سرڪاري حيثيت ۾ حاصل ڪيل معلومات جيڪا پاڪستان، فوج جي سيڪيورٽي ۽ مفاد بابت هجي اها ظاهر ڪرڻ تي پنج سال قيد جي سزا ڏني ويندي، آرمي چيف يا اعليٰ آفيسر جي منظوري بعد معلومات ڏيڻ تي سزا نه ٿيندي، راز فاش ڪندڙ شخص خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي
واضح رهي ته قومي اسيمبليءَ پنهنجو مدو پورو ختم ٿيڻ کان اڳ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي، سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪرڻ تي اپوزيشن سان گڏ تڏهوڪا حڪومتي اتحادي به سراپا احتجاج بڻجي ويا هئا، پ پ جي سينيٽر رضا رباني بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون هيون، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، نيشنل پارٽي ۽ ن ليگ جي سينيٽرز بل خلاف احتجاج ڪيو هو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين بل استٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو، سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ بل مان ترميمي شقون ڪڍي ٻيهر پيش ڪيو ويو، جنهن کي سينيٽ منظور ڪري صحيح لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي هئي