فوج کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، ترميم وقت جي ضرورت آهي: جي يو آءِ پاران ترميمن جي حمايت

فوج کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، ترميم وقت جي ضرورت آهي: جي يو آءِ پاران ترميمن جي حمايت

اسلام آباد: جي يو آءِ سينيٽر طلحه محمود آئيني ترميمن جي حمايت ڪندي چيو ته ترميمون وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان هن وقت چئني پاسن کان دشمن جي گهيري ۾ آهي، هن چيو ته آئيني معاملا حل ڪرڻ لاءِ ڌار عدالت ضروري آهي، هزارين ڪيس التوا ۾ آهن، وفاق ۽ صوبن ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ آئيني عدالت ضروري آهي، هن چيو ته اسان جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو قومي سلامتي جو آهي، هن وقت فوج کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، طلحه چيو ته منهنجي گذارش آهي ته چترال ۾ ڪرپشن، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽوئرازم جي ترقي لاءِ ڪاميٽي جوڙي وڃي.