فوج کي ڳالهين جي آڇ: ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، انفرادي سطح تي اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهيون: تحريڪ انصاف

سيپٽمبر 2, 2024

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف فوج سان ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي فوجي قيادت کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فوج سان ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، فوج کي ڳالهين جي آڇ ڪريون ٿا.  هن چيو ته ڊيڊ لائڪ ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪري سگهياسين ٿي اهو ڪري ڇڏيو، ڳالهين لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن. ٻنهي ڌرين جي ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. هر ڳالهه آئين جي دائري ۾ رهي ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته انفرادي سطح تي اسٽيبلشمينٽ سان رابطا آهن. اسٽيبلشمينٽ سان ابطي جي نتيجي ۾ ئي 22 آگسٽ وارو جلسو ملتوي ڪيو هو.  پي ٽي آءِ ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون وقت جي سخت ضرورت آهي . بنا دير پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ ڳالهين جي شروعات ٿيڻ گھرجي.  ڪوشش آهي ته هي ڊيڊ لاڪ وڌيڪ دير برقرار نه رهي. فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون رياست جي به فائدي ۾ آهن. اميد ته پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ ڊيڊلاڪ گھڻو نه هلندو. هن چيو ته فوج کي سياست ۾ نٿا آڻڻ چاهيون، اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻ جي طاقت فوج وٽ آهي. پي ٽي آءِ هميشه فوج سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي. اڳتي وڌڻ جو رستو فوج سان ڳالهين ۾ ئي نڪري ٿو. هن تصديق ڪئي ته پي ٽي آءِ باني محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جوا ختيار ڏنو آهي. سياسي پارٽين سان ڳالهين جو نتيجو نڪري ته اسين فوج سان ڳالهائي سگھون ٿا. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصرن سان اسان جو ڪو رابطو ناهي، 8 سيپٽمبر کان ملڪ گير تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون. پارليامينٽ ۽ عدليه کان پوءِ روڊن تي تحريڪ هلائينداسين.

Leave A Comment