فياض شاهه جي ضمانت شوئرٽي رد، حنا شاهه جي درخواست اڪلائي وئي

سيپٽمبر 26, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل واري

 معاملي تي جوابدار فياض شاهه جي گرفتاري واري معاملي بابت داخل توهين عدالت واري درخواست رد ڪندي کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

 جڏهن ته عدالت حنا شاهه پاران داخل حفاظتي ضمانت واري درخواست به غير حاضر رهڻ سبب اڪلائي ڇڏي آهي. جوابدار فياض شاهه گرفتاري خلاف ۽ حنا شاهه حفاظتي ضمانت لاءِ وڪيل ولي محمد کوسو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

 جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جوابدار فياض شاهه جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته 20 سيپٽمبر کان 26 سيپٽمبر تائين جوابدار کي لاڳاپيل عدالت حفاظتي ضمانت ڏني هئي پر 22 سيپٽمبر تي راڻيپور پوليس کيس گرفتار ڪيو

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان فياض شاهه کي ضمانت هئڻ باوجود ڇو گرفتار ڪيو جنهن تي جاچ آفيسر بچل قاضي عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن جوابدار کي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ڪرائيم نمبر 126 ۾ گرفتار ناهي ڪيو جڏهن ته کيس سندس حامين پاران ڪٺ ڪوٺائي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪرائيم نمبر 127 ۾ گرفتار ڪيو آهي

 وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته راڻيپور پوليس ڪرائيم نمبر 127 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو هو جنهن ۾ فياض شاهه نامزد ئي ناهي ته پوءِ کيس ڪيئن گرفتار ڪيو ويو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فياض شاهه کي مليل حفاظتي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪندي کيس قانون موجب ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

Leave A Comment