فيروز خان جي پوسٽ تي اڳوڻي ۽ موجوده زال وڙهي پيون، پوسٽ ڊيليٽ

فيروز خان جي پوسٽ تي اڳوڻي ۽ موجوده زال وڙهي پيون، پوسٽ ڊيليٽ

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ  جي  مشهور اداڪار فيروز خان جي اڳوڻي زال عليزہ سلطان ۽ موجوده زال ڊاڪٽر زينب سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون اچي ويون، فوٽوز  اينڊ وڊيوز شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي  اداڪار جي هڪ پوسٽ تي عليزہ سلطان ڪمنٽ ڪندي پنهنجي ٻارن لاءِ يونيفارم جو مطالبو ڪندي لکيو ته ” مهرباني ڪري سردين جا ڪپڙا ۽ يونيفارم وٺي موڪليو.”عليزہ جي هن ڪمنٽ کانپوءِ فيروز جي موجوده گهرواري  ڊاڪٽر زينب خاموش نه رهي سگهي، کيس جواب ڏيندي چيو ته “پهرين ته اهڙيون ڳالهيون عوامي سطح تي نٿيون ڪري سگهجن ۽ ٻيو اهو ته اهڙن روين سان تون پهرين ئي فيروز خان کي ذهني طور تي متاثر ڪري چڪين آهين، اسان جي خاندان کي تنگ ڪرڻ بند ڪر ۽ پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي نمبرن تان فيروز خان سان رابطي ڪرڻ بند ڪر.” زينب هڪ ٻئي ڪمنٽ ۾ چيو ته “توهان کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ، فيروز خان سان رابطي ڪرڻ يا انهن کي پريشان ڪرڻ جو ڪو حق ناهي رهيو، فيروز کي پنهنجا ذاتي مسئلا ٻڌائڻ بند ڪر ۽ انهن کي پنهنجي تائين محدود رک.” ڊاڪٽر زينب، عليزہ کي ٻئي شادي جو مشورو ڏيندي چيو ته “بهتر آهي ته تون شادي ڪري وٺ، نه ته مان به عوامي سطح تي تنهنجي حقيقت بيان ڪري ڇڏينديس.” معاملو رڳو  هتي ختم ناهي ٿيو،  فيروز خان جي ڀيڻ پڻ ڪمنٽ ۾ شامل ٿي وئي جنهن چيو ته “ٻارن جا خرچ ڪڏهن به ناهن روڪيا ويا،  2 لک ماهوار موڪليا ويندا آهن، جن مان 70 هزار ٻنهي ٻارن جي اسڪول فيس آهي ۽ باقي 1 لک 30 هزار ٻين خرچن  لاءِ  آهن.  سوشل ميڊيا تي ٻنهي وچ ۾ معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا  ٿي ويا، تڪراري  پوسٽ ڊليٽ ڪئي وئي، ان کان اڳ مختلف سوشل ميڊيا پيجز تي ان جا اسڪرين شاٽ وائرل ٿي ويا.