| فيسڪو، گيپڪو ۽ آئيسڪو جي نجڪاري لاءِ انتظامي اسڪيمن جي منظوري جي سفارش: ڪميٽيون قائم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نجڪاري ڪميشن بورڊ پاران پهرئين مرحلي جي ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ تنظيم نو منصوبن جي منظوري جي سفارش. نجڪاري ڪميشن بورڊ پهرئين مرحلي ۾ شامل بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري لاءِ ري اسٽرڪچرنگ منصوبن جي منظوري جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نجڪاري ڪميشن موجب پهرئين مرحلي ۾ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (فيسڪو)، گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) ۽ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) جي نجڪاري شامل آهي، جڏهن ته انهن ٽنهي ڪمپنين جي نجڪاري لاءِ انتظامي اسڪيمن جي منظوري جي به سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميشن موجب تنظيم نو جا منصوبا آڊٽ ٿيل مالي گوشوارن جي بنياد تي تيار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مجوزه فريم ورڪ حڪومت پاڪستان لاءِ بهترين مالي قدر يقيني بڻائڻ ۽ نجي سيڙپڪارن لاءِ ان کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. پڌرائي موجب حڪومت جي ملڪيت هيٺ هڪ خاص ڪمپني قائم ڪئي ويندي، جنهن ڏانهن چونڊيل اثاثا ۽ ذميواريون منتقل ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪجهه چونڊيل اثاثا ۽ ذميواريون نجڪاري جي عمل کان ٻاهر رکيون وينديون. مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن پاران نجڪاري واري عمل ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي وئي آهي. فيسڪو لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جي آخري تاريخ 7 آگسٽ 2026، گيپڪو لاءِ 21 آگسٽ 2026 ۽ آئيسڪو لاءِ 7 سيپٽمبر 2026 مقرر ڪئي وئي آهي. بورڊ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ٻه ٽرانزيڪشن ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. اسلام آباد هوائي اڏي جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي مالي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، لاهور ۽ ڪراچي هوائي اڏن لاءِ مالي صلاحڪارن جي مقرري جو عمل جاري آهي. نجڪاري ڪميشن بورڊ نجڪاري وارن معاملن لاءِ آر ايس ايم اويس حيدر لياقت نعمان جي مقرري جي به منظوري ڏني آهي. فيصلو ڪيو ويو آهي ته مڪمل ٿيندڙ هر نجڪاري واري معاملي جو الڳ آڊٽ ڪيو ويندو.