| فيسڪو، گيپڪو ۽ آئيسڪو جي نجڪاري لاءِ درخواستون طلب |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ سيڙپڪارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون. نجڪاري وزارت مطابق حڪومت فيسڪو، گيپڪو ۽ آئيسڪو ۾ 51 کان 100 سيڪڙو حصص وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نجڪاري تحت نجي سيڙپڪارن کي ڪمپنين جو انتظامي ڪنٽرول به ڏنو ويندو. فيسڪو لاءِ دلچسپي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 7 جولاءِ 2026 مقرر ڪئي وئي آهي. گيپڪو لاءِ سيڙپڪار 6 آگسٽ 2026 تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهندا. آئيسڪو لاءِ آخري تاريخ 7 سيپٽمبر 2026 مقرر ڪئي وئي آهي. هر ڪمپني لاءِ درخواست سان گڏ 14 لک رپين جي ناقابل واپسي فيس لازمي قرار ڏني وئي آهي. نجڪاري عمل بابت آن لائن بريفنگ سيشن 3 جون 2026 تي زوم تي ٿيندو. فيسڪو وچ پنجاب ۾ 57 لک صارفين کي بجلي فراهم ڪري ٿي. گيپڪو جا صارف 51 لک آهن. گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ سميت ڪيترن ضلعن ۾ خدمتون فراهم ڪري ٿي. آئيسڪو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ آزاد ڪشمير جي 41 لک صارفين کي بجلي فراهم ڪري ٿي. حڪومت موجب نجڪاري سان سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي.