فيس بوڪ تي رابطو: ناري کي نوڪري جو ڏٽو ڏئي زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

جُون 9, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فيس بوڪ تي رابطو ڪري ناري کي نوڪري بهاني گهرائي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

حسن اقبال نالي جوابدار فيس بوڪ ذريعي رابطو ڪري زينت بي بي کي نوڪري جو ڏٽو ڏنو ۽ انٽرويو لاءِ نجي هوٽل ۾ گهرايو،  هوٽل جي ڪمري ۾ ناري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي

ناري جي گوڙ ڪرڻ تي هوٽل انتظاميا اطلاع ڏئي پوليس کي گهرائي ورتو، ايس ايچ او ڊاڪس پرويز علي سولنگي ٽيم سوڌو بروقت پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Leave A Comment