تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

فيس بوڪ فرينڊ … آتش انقلابي

هن جو نالو نسيم هو، ماڻهو هن کي ڪچهرين جو مور به چوندا هئا، هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو انداز ،گفتار کان ماڻهو متاثر پيا ٿين، سندس سان دوستن جا هميشه ڪٺ گڏ هوندا هئا، دوستن سان مچ ڪچهريون گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، هو دوستن سان نڪتل سيلفيون به فيس بوڪ تي پيو شيئر ڪندو هو،سندس جا فيس بوڪي فرينڊ به هن کان متاثر هئا، هڪڙي ڏينهن فيس بوڪ ان باڪس ۾ هن کي ميسيج موصول ٿيو: سائين آئون اوهان سان ملڻ لاءِ تمام گهڻو بي چين آهيان، اوهان سان ملڻ ٿو گهران، نسيم پنهنجي فيس بوڪي فرينڊ جي محبت ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو، فرينڊ کي پنهنجي ايڊريس موڪليندي ان جا ٿورا پڻ مڃيا، هيءَ ته محبتي ماڻهو پنهنجي فرينڊ جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهيو،فيس بوڪي فرينڊ طرفان هن کي روزانو هڪ ميسيج موصول ٿيندو هو: سائين ڪڏهن ضرور ملبو، ٽن مهينن کانپوءِ نسيم کي اوچتو دل جو دورو پيو ۽ اسپتال نيئندي دم ڏنائين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *