| فيس بڪ تي رابطي لاءِ بوتل جو سهارو |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) اسڪاٽلينڊ جي سمنڊ ڪناري تي هڪ شخص کي ڪيناڊا جي پرنس ايڊورڊ ٻيٽ کان پاڻي ۾ اڇلايل بوتل ۾ هڪ پيغام مليو آهي. شهري مائيڪ اسڪاٽ چيو ته لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ هو ايبرڊين ۾ سينٽ سائرس ساحل تي پنهنجن ڪتي سان گڏ پسار ڪري رهيو هو ته سندس هڪ ڪتي گهٽ پاڻي ۾ هڪ بوتل ڏٺي. بوتل ۾ هڪ خط هو جيڪو پاڻي کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ بند ڪيو ويو هو. خط آگسٽ 2024 ۾ فرينچ ۾ لکيو ويو هو. خط ۾ چيو ويو هو ته بوتل پرنس ايڊورڊ ٻيٽ کان ڪيوبيڪ ۾ آئلس ڊي لا ميڊيلين ڏانهن موڪلي پئي وڃي. خط لکندڙ ايني چيسن چيو ته جنهن کي به خط ملي اهو مون سان فيس بڪ تي رابطو ڪري.