دير بالا(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان سان فيس بڪ تي دوستي ۽ محبت ٿيڻ تي ڀارتي ناري دير بالا پهچي وئي آهي
ذريعن موجب دهلي جي رهواسڻ 35 سالن جي انجو جي فيس بڪ تي دير بالا جي رهواسي 29 سالن جي نصر الله سان دوستي ٿي جنهن بعد ڀارتي Dناري دهلي مان خيبرپختونخوا جي شهر دير بالا پهچي وئي آهي
ڀارتي ناري انجو جو چوڻ آهي ته اسان ٻئي فيس بڪ تي دوست بڻياسين ۽ دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي، مان نصرت الله کانسواءِ نٿي رهي سگهان
ذريعن موجب انجو ۽ نصر الله وچ ۾ دوستي جي جاچ جاري آهي، هيل تائين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي سگهي ٿي ته ٻنهي شادي ڪئي آهي يا نه. ان حوالي سان پاڪستاني جاچ ايجنسيون وڌيڪ جاچ ڪري رهيون آهن
ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ سيما جکراڻي هندو نوجوان سان پب جي تي دوستي ڪري ڀارت پهتي آهي
ٻئي پاسي 29 سالن جي نصر الله جو چوڻ آهي ته هو ۽ انجو باقاعده مڱڻو ڪندا، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ انجو ۽ مان باضابطا مڱڻو ڪنداسين ۽ پوءِ 10 کان 12 ڏينهن ۾ هو واپس ڀارت ويندي ۽ ٻيهر شادي لاءِ ايندي
سندس چوڻ هو ته اها منهنجي ۽ انجو جي ذاتي زندگي آهي، اسان نٿا چاهيون ته ان ۾ مداخلت ڪئي وڃي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ميڊيا کان پري رهون
تازو ڀارتي ناري انجو، نصر الله سان پنهنجي دوستي کي رشتي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهتي آهي، هن وقت انجو دير بالا ۾ نصر الله سان رهي ٿي. ڊي پي او دير بالا ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اها ڪهاڻي پاڪستان مان ڀارت ويل سيما حيدر ۽ سچن جي ڪهاڻي جهڙي آهي
انجو ويزا وٺي قانوني طريقي سان پاڪستان آئي آهي جنهن لاءِ نصر الله ۽ انجو کي 2 سال لڳا، نصر الله جي مقامي علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻ فريد الله جو چوڻ آهي ته انجو هاڻي اسان جي مهمان ۽ ننهن آهي