فيصلن جو اختيار عوام وٽ هجڻ گهرجي، بهترين منشور سان چونڊ ميدان تي لهنداسين: آصف زرداري

نومبر 6, 2023

نواب شاهه (رپورٽ:اياز ڏاهري) پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سٺي چونڊ مهم ۽ بهترين منشور سان ميدان ۾ ايندي، پيپلزپارٽي عوام جا فيصلا عوام جو اختيار جي فارمولا تي يقين رکي ٿي، جڏھن عوام کي حقِ حڪمراني ملندي آھي ته مسئلا گراس روٽ سطح تي حل ٿيندا آھن

اهڙن خيالن جو اظهار آصف علي زرداري نوابشاهه شهر ۽ تعلقي جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ معززين جو سان ملاقات دوران ڪيو، جڏھن ته آصف علي زرداري عام چونڊن جي حوالي سان ڪارڪنن، عهديدارن ۽ معززين جون تجويزون پڻ ٻڌيون

ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ اسان هر دور ۾ عوام جي حڪمراني جو ساٿ ڏنو آهي، پيپلز پارٽي هر بحراني دور ۾ ملڪ کي سنڀاليو آهي

ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سان سيد مراد علي شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، ضياءَ حسن لنجار، غلام قادر چانڊيو، علي حسن زرداري، سليم رضا جلباڻي، عاشق زرداري، غلام شاهه لغاري، خان بهادر ڀٽي، رشيد چانڊيو، غلام شاهه لغاري، عاطف زيدي، شفيع الرحمان جدون ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Leave A Comment