فيصلو چيلنج ڪرڻ جو اعلان: 71ع جي تاريخ ورجائي پئي وڃي، جيل ۾ رهندس پر آمريت قبول نه ڪندس: عمران

جنوري 18, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته تڪراري فيصلن عدالتي ساک کي نقصان ڏنو آهي، سمورن ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، احتساب عدالت جي فيصلي مان انصاف ۽ غيرجانبداري جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي، پي ٽي آءِ باني جيل مان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هن ڪيس مان مون کي نه ڪو فائدو ٿيو ۽ نه ئي حڪومت کي ڪو نقصان ٿيو آهي، آئون رعايت جي خواهش نٿو رکان، پر منهنجي خلاف ڪارروائين پويان ڊڪٽيٽر موجود آهي، جيڪو به اُنهي آمر خلاف ٿئي ته اُن کي سزا ڀوڳڻي پوندي آهي، 71ع جي تاريخ ورجائي پئي وڃي، اڄ به ڊڪٽيٽر ذاتي فائدي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي، عمران ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي گهٻرائڻو ناهي، آئون آمريت کي تسليم نه ڪندس، آمريت خلاف جدوجهد ۾ جيتري دير جيل ۾ رهڻو پيو رهندس، آخري بال تائين حقيقي آزادي لاءِ وڙهندو رهندس، ڊيل نه ڪندس، ڪوڙن ڪيسز کي منهن ڏيندس، هن چيو ته القادر ٽرسٽ جي زمين واپس ورتي وئي آهي ان سان غريب شاگردن جو نقصان ٿيندو، القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو اهڙو آهي جنهن جي سڀني کي اڳ ئي خبر هئي، عدالتي تاريخ ۾ اهڙو مذاق ڪڏهن ناهي ٿيو، بشريٰ جو سياست سان ڪو تعلق ناهي، مون کي تڪليف ڏئي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن چيو ته بدديانت ماڻهو ڪڏهن نيوٽرل امپائرز کي نٿا اچڻ ڏين، حڪومت بدديانت آهي.

اسلام آباد: پي ٽي آءِ عدالتي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف ريفرنس ۾ هڪ به ثبوت نه هو، نيب هڪ هٿيار بڻجي چڪو آهي، نيب جي جاچ فراڊ آهي، بشرييٰ بي بي کي پي ٽي آءِ باني جي گهرواري هئڻ جي ڪري سزا ڏني وئي، اسان فيصلي خلاف هر فورم تي وينداسين، سڄي دنيا ۾ مذمتي ٺهراءَ پيش ڪنداسين، هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، اڄ ٻيهر عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي نه آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي هڪ رپئي جو فائدو نه ورتو، پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف سمورا سياسي ڪيس آهن، اسان قانون ۽ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا، القادر يونيورسٽي ۾ سيرت النبي صلعم پڙهائي ويندي آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته پاڪستان جي عدالتي تاريخ جو اڄ ڪارو ڏينهن آهي، پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ آيا ۽ اتان قومي ناڻي ۾ ويا، فيصلو رڳو پي ٽي آءِ باني کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي.

 

Leave A Comment