فيصل آباد۾ تازي ڄاول ٻارڙيءَ  زنده دفن 

جُولاءِ 4, 2025

فيصل آباد(پنهنجي ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ تازي ڄاول ٻارڙيءَ کي زنده دفن ڪندڙ جوابدار ڳوٺاڻن پهچڻ تي فرار  ٿي ويا. موت جي تصديق،

لامن ڳوٺ باءِ پاس تي دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي وحشي جوابدارن تازي ڄاول ٻارڙيءَ کي جيئرو دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو.

ڀرپاسي جي ڳوٺاڻا ايندي ڏسي جوابدار پموقعي تان فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن ٻارڙيءَ کي کڏ مان ڪڍيو ته هو چند لمحن ۾ فوت ٿي وئي، اطلاع ملڻ پوليس موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.

فيصل آباد پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري مثالي سزا ڏني ويندي ته  جيئن مستقبل ۾ ڪو ٻيو اهڙو واقعو پيش نه اچي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ