فيصل مستوئي ۽ عزيز ڀنگوار جي پرامن احتجاج جو نتيجو آهي: جسقم

جُولاءِ 2, 2025

 

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ) جسقم اڳواڻن جي آزادي لاءِ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي سڄي سنڌ ۾ مسلسل احتجاج جو اعلان ڪيو هو، ڪالهھ جسقم ڪارڪن هٿن ۽ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ زنجير پائي سنڌ جي پريس ڪلبن ۽ شهر جي چونڪن تي احتجاج ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ رات هڪ وڳي جسقم اڳواڻ فيصل مستوئي ۽ عزيز ڀنگوار کي ڪراچي صدر واري علائقي ڇڏيو ويو.

اهڙي خبر ٻڌڻ سان جسقم ڪارڪن ۽ وارثن ۾ خوشي جي لهر اچي وئي، ڪارڪن ۽ وارثن پاران هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ويون، پارٽي پڌرائي موجب جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم نوشهروفيروز جي آزاد ٿيل اڳواڻن کي اجرڪ پارائي مبارڪ ڏني ۽ ان موقعي تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جو چوڻ هو ته جسقم جا ڪارڪن پرامن ۽ هٿين خالي آهن هنن سدائين سنڌ جي سلامتي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، هنن جون گرفتاريون ۽ گم ٿينديون غير قانوني آھن.

جڏهن ته فيصل مستوئي ۽ عزيز ڀنگوار جو چوڻ هو ته پرامن سياسي ڪارڪن آهيون سنڌ جي سلامتي لاءِ جدوجهد ۾ يقين رکون ٿا. جڏهن ته آزاد ٿيل جسقم نوشهروفيروز جا اڳواڻ نوشهروفيروز ڳوٺ مٺياڻي روانا ٿي ويا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل