فيض آباد احتجاج ڪيس ۾ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم

فيض آباد احتجاج ڪيس ۾ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد عدالت باني پي ٽي آءِ جي نااهلي خلاف فيض آباد ۾ احتجاج واري ڪيس جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي. استغاثه جا شاهد پيش نه ٿيڻ سبب انهن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سينيٽر فيصل جاويد جي طرفان ڊاڪٽر بابر اعواڻ وڪالت نامو جمع ڪرايو. عدالت بچاءَ واري ڌر جي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي جرح ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هي ڪيس پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي جي قلم تحت ٿاڻو آءِ 9 ۾ داخل ڪيو ويو هو.