| فيض آباد احتجاج ڪيس ۾ هڪ شاهد جو بيان قلمبند: جرح نه ٿي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد باني پي ٽي آءِ جي نااهلي خلاف فيض آباد تي احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران استغاثه جي وڌيڪ هڪ گواهه جو بيان قلمبند ڪيو ويو. عدالت ۾ وڪيل صفائي طرفان اڄ به گواهن تي جرح نه ٿي سگهي. جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي وڌيڪ گواهن کي ايندڙ تاريخ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت هيٺ ٿاڻي آئي نائين ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.