فيض آباد انٽر چينج کي اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت

فيض آباد انٽر چينج کي اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ٽن ميگا عوامي منصوبن ٽي چوڪ فلائي اوور، شاهين چوڪ انڊر پاس ۽ فيض آباد انٽرچينج منصوبن جو وفاقي گهرو محسن نقوي دورو ڪري اڳڀرائي جو جائزو ۽ جاري تعميراتي سرگرمين جو معائنو ڪيو. وفاقي گهرو وزير هلندڙ ترقياتي منصوبن تي اطمنان جو اظهار ڪندي چيو ته فيض آباد انٽرچينج تي ٽريفڪ رواني کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ لوپ ون ۽ لوپ ٽو کي ٽن لائينز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. منصوبن جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي پاسن تي لينڊ اسڪيپنگ ۽ لائيٽس لڳائي وڃي. ٽي چوج فلائي اوور منصوبي جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. ڊسمبر جي شروعات ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. شاهين چوڪ انڊر پاس جا 70 گرڊرز لانچنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. ريمپ ون ۽ ريمپ ٽو ڪم مڪمل آهي. فيض آباد انٽرچينج منصوبي جا پولز فائونڊيشن نہ مڪمل آهي. اسلام آباد جا 3 ميگا عوامي منصوبا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن. ٽي چوڪ فلائي اوور، شاهين چوڪ انڊر پاس ۽ فيض آباد انٽرچينج ري ماڊلنگ تي ڪم جي رفتار تيزي سان جاري آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽنهي منصوبن جو دورو ڪندي ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ هدايتون جاري ڪيون. وزير داخلا محسن نقوي ٽريفڪ جي رواني کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ فيض آباد انٽرچينج تي لوپ ون ۽ لوپ ٽو کي ٽن لائينز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.