اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال فيض آباد ڌرڻي بابت نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ سان پهريون معاهدو ڪري پوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي آگاهه ڪيو ويو
وفاقي وزير احسن اقبال، فيض آباد ڌرڻي بابت ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو سندس چوڻ هو ته معاهدي ۾ فيض حميد زبردستي شامل ٿيو، ان وقت جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي معاهدو ڏسي اعتراض ڪيو
هن چيو ته شاهد خان عباسي، وزير جي استعيفيٰ ۽ فيض حميد جي معاهدي ۾ نالي جي مخالفت ڪئي، حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو ته معاهدو ٿي ويو، صحيحون به ٿي چڪيون، هاڻي پوئتي هٽڻ ممڪن ناهي
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحريڪ لبيڪ سان پهريان معاهدو ڪيو ويو هو جيڪو بعد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ڏيکاريو ويو
احسن اقبال ڌرڻي بابت ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته ڌرڻي بابت معاهدي ۾ ليفٽيننت جنرل رٽائرڊ فيض حميد زبردستي شامل ٿيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي معاهدو ڏٺو ته اعتراض ڪيو
وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وزير جي استعيفيٰ ۽ فيض حميد جي معاهدي ۾ نالي جي مخالفت ڪئي هئي
احسن اقبال بيان ۾ اهو به چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ٻڌايو ويو ته معاهدو ته ٿي چڪو آهي، صحيحون به ٿي ويون آهن، هاڻي پوئتي هٽڻ ممڪن ناهي