فيض آباد ڌرڻي ۾ فوجي آفيسر ۽ اهلڪار ملوث، بچاءَ وزارت پاران ڪارروائي جي سفارش: ٽنهي سروسز چيفس کي خط

جنوري 11, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ وزارت جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ ٽنهي سروسز چيفس کي فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي، بچاءَ واري وزارت جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمود الزمان خان ٽنهي سروسز چيفس کي خط لکيا آهن. بچاءَ واري سيڪريٽري آرمي چيف، ايئر چيف ۽ نيول چيف کي خط لکيا، اهي خط سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ روشني ۾ لکيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري سيڪريٽري پنهنجو لکت ۾ بيان ڪميشن ۾ جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2017ع ۾ لڳندڙ ڌرڻي ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ ٽنهي فوجن جي سربراهن کي خط موڪليا ويا آهن، ذريعن موجب خطن ۾ ٽنهي سروسز چيفس کي 2017 جي فيض آباد ڌرڻي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪردار جو جائزو وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي. واضح رهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد به ڪميشن ۾ پنهنجو بيان ڏئي چڪو آهي جنهن ۾ هن ڪميشن جي سوالن جا جواب ڏنا هئا ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته فيض آباد ڌرڻي وقت ان وقت جي حڪومت خلاف ڪنهن قسم جي سازش نه ڪئي وئي هئي، ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ان وقت جي حڪومت جي هدايت تي ڪيون هيون. فيض آباد ڌرڻو ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت ۾ به طلب ڪيو آهي، نومبر 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل لاءِ نگران حڪومت 3 رڪني ڪميشن جوڙي هئي، انڪوائري ڪميسن کي 22 جنوري تي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي آهي.

Leave A Comment