فيض جي سزا خلاف اپيل آرمي چيف وٽ ڪنداسين: وڪيل

فيض جي سزا خلاف اپيل آرمي چيف وٽ ڪنداسين: وڪيل

راولپنڊي (م ڊ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد پنهنجي سزا چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  فيض حميد جي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق چيو آهي ته فيض حميد جي سزا چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مون وٽ اڳ ئي سزا چيلينج ڪرڻ جون هدايتون موجود آهن، ۽ فيصلي جي ڪاپي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ لاءِ درخواست فوجي عدالت ۾ داخل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته 40 ڏينهن اندر اپيل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ اسان ان دوران اپيل داخل ڪري ڇڏينداسين . هن چيو ته فيلڊ ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران فيض حميد جا اعصاب مضبوط رهيا ۽ هاڻي اهي ان فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته  فيصلي جي ڪاپي ملڻ تي ان جو تفصيلي جائزو وٺي اپيل داخل ڪري ڇڏينداسين. بيرسٽر ميان علي اشفاق چيو ته 6 ڊسمبر تي فيض حميد کي چارج شيٽ ڪيو ويو ۽ گذريل سال 13 ڊسمبر تي باقاعدا ٽرائل شروع ڪيو ويو. جڏهن پهريون دفعو قانوني ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي ته ان وقت کان وٺي جئين سپريم ڪورٽ جو حڪم  هو  ته 45 ڏينهن ۾ اپيل جو حق هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنو ويندو، پر هن حڪم تي اڄ تائين عمل ناهي ٿيو. جيڪڏهن مستقبل ۾ ان تي عمل ٿيندو ۽ ڪا نئين قانون سازي ٿيندي ته جنهن مطابق هاءِ ڪورٽ پهريون فورم بڻجي وڃي ته پوءِ ان حساب سان اسان پنهنجي لائحہ عمل کي ترتيب ڏينداسين، پر هن وقت جڏهن ته پهريون فورم آرمي چيف وٽ آهي اسان ان ئي مطابق اپيل ڪنداسين. جڏهن ان کان عدالتي ڪارروائي بابت سوال ڪيو ويو، ته انهن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڪورٽ مارشل آهي جتي هڪ وڪيل دفاع طور آخري حد تائين شفافيت آڻڻ لاءِ قدم کنيا.