| فيض حميد سزا خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي |
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي وڪيل نجي چينل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته فوجي عدالت طرفان ٻڌايل سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي. وڪيل ميان علي اشفاق اپيل داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي پر انهي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. اپيل پهريان هڪ ڪورٽ آف اپليز ۾ ٻڌي ويندي آهي جنهن جي سربراهي ميجر جنرل يا انهي کان اعليٰ رينڪ جو آفيسر ڪندو آهي جنهن کي آرمي چيف مقرر ڪندو آهي، جڏهن ته آرمي چيف کي سزا جي توثيق، ترميم يا ملتوي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو آهي.