فيض حميد نواز دور ۾ فيض آباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو سامهون آيو

فيض حميد نواز دور ۾ فيض آباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو سامهون آيو

ڪراچي: جنرل فيض حميد جو نالو پهريون ڀيرو نواز شريف جي دور ۾ ٽي ايل پي جي فيض‌آباد وٽ لڳل ڌرڻي وقت سامهون آيو جڏهن هن حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدو ڪرايو ۽ ان تي سندس صحيح به موجود هئي. هو ان وقت آءِ ايس آءِ جو ڊي جي سي هو. 2018ع وارين چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت 2019ع ۾ فيض حميد کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ۽ هو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ان عهدن تي رهيو. ان کانپوءِ ٽي ايل پي سان معاهدي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، فيض حميد مٿان سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ حلف جي پاسداري نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان ئي دور ۾ سياسي انتقام، گرفتاريون ۽ وفادارين جي تبديلي جا الزام پڻ سامهون آيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ فيض حميد تي سنگين الزام لڳايا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت جا الزام به سامهون آيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي به فيض حميد تي مداخلت جا الزام لڳايا هئا. ڪابل ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ جي ٽن هفتن بعد فيض حميد جي ڪافي ڪپ واري تصوير تي سخت تنقيد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ فيض حميد تي پي ٽي آءِ جي مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ، قانونسازي لاءِ اجلاس ۾ اڪثريت پوري ڪرائڻ ۽ بجيٽ منظور ڪرائڻ جهڙا الزام به لڳا جنهن جي تصديق عمران خان پاڻ به ڪئي هئي.