فيض حميد کي آيل سزا ۽ تحريڪ انصاف جي ڏکين ڏينهن بابت اڳڪٿيون  … ايم بي سومرو

                 ڪالهه منجهند ڌاري آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراه ليفٽينٽ جنرل (ر) فيض حميد کي غير معمولي سزا ڏيڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنهن سزا واري فيصلي کي تجزيه ڪار پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري تاريخ جي وڏن مامرن مان هڪ تصور ڪري رهيا آھن. اهو ملڪي تاريخ ۾ شايد پهريون ڀيرو آھي جو ڪنهن آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه کي سزا ٻڌائي وئي آھي. ڪالھ پاڪ فوج جي ترجمان پاران آءِ ايس آءِ جي سربراه فيض حميد کي سزا ٻڌائڻ بابت باضابطه طور تي پڌرائي جاري ڪئي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، اڳوڻي  ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت شروع ڪيو ويو ۽ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل 15 مهينن تائين جاري رهيو. پاڪستان فوج  جي ترجمان چيو ته فيض حميد خلاف 4 الزامن تي ڪارروائي ڪئي وئي، الزامن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي  خلاف ورزي، اختيارن ۽ سرڪاري اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيا آھن. بيان مطابق هڪ ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني عمل کان پوءِ، جوابدار کي سڀني الزامن جو مجرم قرار ڏنو ويو آهي. عدالت پاران ڏنل سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ڪئي ويندي. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سڀني قانوني گهرجن کي پورو ڪيو ۽ جوابدار کي پنهنجي دفاع لاءِ وڪيلن جي ٽيم چونڊڻ جي حق سميت سڀئي قانوني حق فراهم ڪيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي سياسي عنصرن سان سهڪار، سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام جي ڪيسن کي الڳ الڳ ڏٺو پيو وڃي.

پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ڏسندي ئي ڏسندي پاڪستان سميت دنيا ۾ هڪ وڏي خبر طور اڀري سامهون اچي ويو، جنهن بعد گهڻ رخو بحث چڙي ويو آھي. ڪي ماضي ۾ سياسي مامرن ۾ فوج جي مداخلت بابت ڳالهيون ڪري رهيا آھن ته ڪي فيض حميد کي مليل سزا بابت ڳالهائيندي اهو سوال اٿاري رهيا آھن ته ڇا جن مامرن ۾ فيض حميد کي سزا ملي آھي، انهن مامرن ۾ رڳو اهو اڪيلو ملوث هو، ته ڪي وري فيض حميد کي مليل سزا واري فيصلي کي ايندڙ وقت ۾ وڏن فيصلن اچڻ کي يقيني سمجهڻ لڳا آھن. اهڙي راءِ رکندڙ سمجهي رهيا آھن ته 9 مئي 2023 تي ادارن تي ٿيل حملن واري ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سزائن سان گڏ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به مامرو سزا ملڻ طرف ويندي محسوس ٿي رهيو آھي. فيض حميد کي سزا ملڻ بعد تجزيه ڪار سمجهي رهيا آھن ته عمران خان کي اگر فيض حميد جيتري به سزا ملي ته هن وقت 73 سالن جي عمر رکندڙ عمران خان کي 83 ورهين تائين جيل ۾ رهڻو پئجي سگهي ٿو پر فيض حميد کي اڃان اپيل جو حق حاصل آھي. اهو ته اپيل داخل ٿيڻ ۽ ان جي فيصلي بعد معلوم ٿي سگهندو ته فيض حميد کي سزا مان بچي سگهي ٿو يا کيس رعايت ملي سگهي ٿي يا نه پر عمران خان جي حڪومت ۾ سندس ڪردار جا ڪيترا قصا گونجندا رهيا. ايتري تائين جو ان جي مقرري جي مامري تي عمران خان فوج جي اداري سان اختلاف ڪري ويٺو، جنهن بعد نه رڳو عمران خان کي حڪومت تان هٿ ڌوئڻا پيا پر مامرو وڌي ان کي جيل اندر آڻڻ تائين پهچي ويو. عمران خان کي ڳالهين ذريعي رستو ڪڍڻ جو موقعو مليو ۽ ڳالهين لاءِ پارلياماني ڪميٽي به ٺهي شايد ان ڪميٽي ٽي کان چار ڳالهين جا رائونڊ به ڪيا پر عمران خان جي پارٽي پهريان گرفتار ٿيلن جي آزادي سميت مطالبا منظور ڪرڻ جي شرط رکي ڳالهين واري عمل کي بند گهٽي ۾ پهچائي ڇڏيو. ڪجھ ڏينهن پهريان جڏهن پاڪ فوج جي ترجمان پاران عمران خان خلاف سخت ترين پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. اها پريس ڪانفرنس عمران خان ۽ پي ٽي آءِ لاءِ وڌيڪ سختين وارو وقت اچڻ جي امڪانن کي ظاهر ڪري رهي هئي. ان پريس ڪانفرنس بعد پي ٽي آءِ قيادت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ رستو ڪڍڻ جي درخواست ڪئي وئي. اسپيڪر ته ڪردار ادا ڪرڻ جي حامي ڀري آھي پر فيض حميد خلاف فيصلي بعد ڳالهين ذريعي رستو نڪرڻ جو عمل مشڪل تصور ڪيو پيو وڃي پر ماضي ۾ اهڙا مثال موجود آھن جو سزائن بعد به رستا نڪتا آھن، جيئن عمران خان جي دور ۾ ميان نواز شريف کي عمر ڀر لاءِ نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ويو. ان وقت اهو مسلسل چيو ويندو رهيو ته نواز شريف جي ملڪ اندر سياست جو باب بند ٿي چڪو آھي پر حالتن جي تبديلي ميان نواز شريف مٿان ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا ۽ ميان نواز شريف جي عمر ڀر لاءِ نااهلي به ختم ٿي وئي ۽ هو هن وقت به نه رڳو قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي پر حڪمران جماعت نواز ليگ جو سربراه به آھي. سوال هي آھي ته ميان نواز شريف ته سمجهوتا ڪيا پنهنجو بيانيو ڇڏيو، ڇا عمران خان پنهنجي بيانئي کي ڇڏڻ لاءِ تيار آھي؟ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اها دعوا ڪندا رهندا آھن ته عمران سمجهوتو نه ڪرڻ سبب اڃان تائين جيل ۾ آھي. هن وقت سياسي ڌريون ڪيتريون بااختيار آھن، اها صورتحال سڀني کي معلوم آھي. پي ٽي آءِ ۽ ادارن وچ ۾ جيڪا ڇڪتان هلي رهي آھي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا، ان بابت به هر ڪنهن کي اندازو آھي. اگر ڪنهن کي اندازو ناهي ته اهي ڪي پي ڪي صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ جي امڪانن بابت ٿيندڙ ڳالهين تي غور ڪن. اگر صوبي ۾ ايمرجنسي لڳي ۽ صوبائي حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ لڳايو ويو ته ملڪ ۾ جمهوري عمل ۽ عوام جي ووٽن سان قائم ٿيل هڪ حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي. اگر حالتون خراب ٿي سڄي ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو ته ان بعد ڇا ٿيندو، ان جو به سڀني کي اندازو هوندو. ان ڪري ملڪ ۾ جيڪا سياسي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي اها صورتحال ڪو به رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. عمران خان کي اقتدار ڪيئن حاصل ٿيو، عمران خان جي حڪومت دوران ان کي قائم رکڻ لاءِ ڇا ڇا ٿيندو رهيو، 2018 جي چونڊن کان اڳ ن ليگ، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪيئن پارٽيون ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا ۽ پي ٽي آءِ جيڪا 2024 جي عام چونڊن جي شفافت خلاف سوال اٿاري رهي آھي، ان پي ٽي آءِ کي معلوم آھي ته 2018 جون عام چونڊون ڪيتريون شفاف هيون. اسان جي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ هر ٿيل چونڊ تڪراري رهي آھي. اهي اختلاف ۽ حڪومتون گڏ گڏ هلنديون رهيون آھن. الزام الزام ئي رهيا آھن. اهي الزام ڪڏهن منطقي انجام تائين پهتا ئي ناهن. ملڪي سياسي حالتن کي ڏسي لڳندو آھي ته اسان وٽ سياسي حالتن بابت گهڻي عرصي کان اسڪرپٽ هڪ ئي رهيو آھي. باقي ان اسڪرپٽ تحت حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ڪردار تبديل ٿيندا رهيا آھن. اهو به ڏٺو ويندو رهيو آھي ته جيئن پي ٽي آءِ دور ۾ ن ليگ ۽ پ پ جا اڳواڻ اپوزيشن ۾ هئا ۽ عتاب جو شڪار هئا، هاڻي حڪومت ن ليگ جي آھي، پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ آھي. هاڻي وري مشڪلاتن جو دور پي ٽي آءِ مٿان آھي.

اسان وٽ اقتدار ۽ اقتداري ڌر لاءِ حالتون تبديل ٿيندي گهڻو وقت نه لڳندو آھي. ڏسجي ته فيض حميد کي 14 سالن جي سزا بعد مامرو ڪٿي پڄي ٿو ۽ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون، باقي هن وقت فيض حميد کي مليل سزا کي حڪمران اتحاد درست فيصلو قرار ڏئي رهيو آھي. وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ  چيو آهي ته فيض حميد خلاف ثبوتن جي بنياد تي فيصلو آيو آهي۔ اڄ ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ شخص کي سزا ملي آهي، فيض حميد کي ٽرائل ۾ مڪمل دفاع جو ڀرپور حق ڏنو ويو. هن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ ۽ گواهه آڻڻ جو به مڪمل موقعو مليو. سڀني گواهن جا بيان ۽ ثبوت رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ انصاف تي مبني فيصلو آيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته قانون کان ڪو به مٿانهون ناهي، ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. فيض حميد پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، سياسي معاملن جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. فيض حميد سڀني الزامن ۾ ملوث ثابت ٿيو، ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به سزا ٿي. هن چيو ته فوج ۾ خود احتسابي جو مضبوط نظام آهي، جنهن جو واضح مثال سڀ ڏسي وٺن. وفاقي وزير چيو ته فيض حميد پي ٽي آءِ جو سياسي مشير به هو. اڄ جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي. ائين وفاقي وزير خواجه آصف ۽ رانا ثناءُ الله به فيصلي جي حق ۾ لب ڪشائي ڪئي آھي. هاڻي ڏسجي ته حالتون ڪهڙو رخ وٺن ٿيون!