فيض حميد 29 نومبر 2022ع تي رٽائرمينٽ ورتي، ٻن سالن بعد گرفتار ٿيو

فيض حميد 29 نومبر 2022ع تي رٽائرمينٽ ورتي، ٻن سالن بعد گرفتار ٿيو

ڪراچي: ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 12 آگسٽ 2024ع تي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نجي هائوسنگ سوسائٽي واري معاملي تي شڪايتن کانپوءِ شروع ڪئي وئي، جنهن تحت تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري پڻ ٿي. 29 نومبر 2022ع تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ ئي رٽائر ورتي هئي.