فيض کي سزا ڪافي ناهي ساٿين کي به نه ڇڏيو وڃي: جاويد لطيف

فيض کي سزا ڪافي ناهي ساٿين کي به نه ڇڏيو وڃي: جاويد لطيف

لاهور (م ڊ)  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته صرف فيض حميد کي گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ سان انصاف نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جي بربادي ۾ هڪ وڏو گروپ ملوث هو، جڏهن گوجرانواله ۾ نوازشريف انهي جا نالا کنيا ته اسان جا پنهنجا ڪمزور دل جا ماڻهو اسٽيج تان ٽپا ڏئي ڀڄي ويا. ايڪس تي وڊيو ڪلپ ۾ هن چيو ته وڏي وقت کان چئي رهيو هئس ته فيض حميد کي گرفتار ڪرڻ يا سزا ڏيڻ سان انصاف نٿو ٿي سگهي. فيض حميد سان گڏجي جن ادارن کي تباهه ڪيو، بغاوت ڪئي، فيصله ڪري رهيا هئا، ڪنهن کي صادق امن جو سرٽيفڪيٽ ڏياري رهيا هئا،  ڪنهن کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ترقي ڪندڙ حڪومت کي ختم ڪري پاڪستان کي تباهي تي پهچايو ويو. جاويد لطيف چيو ته مان پنهنجي گهر جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان، منهنجي گهر وارن سان جيڪو سلوڪ جنرل باجوه ۽ فيض حميد ڪيو جيڪو تشدد ڪرايو انهي کي معاف ڪريان ٿو پر هن قوم سان زيادتي ڪندڙ، رياست کي تباهه ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به طور تي معاف نٿو ڪري سگهجي.
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته صرف فيض حميد کي گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ سان انصاف نٿو ٿي سگهي، پاڪستان کي تباهه ڪرڻ وارو هڪ وڏو گروپ هو جڏهن گوجرانوالا ۾ نواز شريف انهن جا نالا کنيا هئا ته اسان جا پنهنجا ڪمزور دل وارا ماڻهو اسٽيج تان ٽپ ڏئي ڀڄي ويا هئا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ وڊيو ڪلپ ۾ هن چيو ته فيض حميد سان گڏ جيڪي ادارن کي نقصان پهچائڻ سان گڏ تماشو بڻائي، بغاوت تي اُڪسائي رهيا هئا، فيصلو وٺي رهيا هئا، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نٿو ڪري سگهجي.