فيض گنج ( ن پ و) فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ هڪ هفتي کان بجلي بند هجڻ سبب لکين رپين جون قيمتي دوائون ضايع ٿي ويون
سرڪاري اسپتال جي بجلي هڪ هفتي کان بند پيل آهي جنهن جي بحالي لاءِ صحت کاتي سميت ڪنهن به قدم ناهي کنيو
اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ ڪري فرجن ۾ پيل لکين رپين جون دوائون خراب ٿي ويون آهن، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽرانسفارمر خراب هجڻ ڪري اسپتال جي بجلي بند پيل آهي، اختياريون نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائن