فيض گنج : خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن، فوڊ انسپيڪٽر کي نوٽيس

جُون 1, 2023

فيض گنج ( ن پ و)  فيض گنج  جي معطل فوڊ انسپيڪٽر کان اختيارين 15 هزار ٻورين جو ايڊوانس بل ڏيڻ بابت جواب طلب ڪري ورتو

فوڊ کاتي جي ڊائريڪٽر پاران خالد راڄپر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن م هن کي سکر جي ڊپتي ڊائريڪٽر وٽ پيش ٿي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي فوڊ انسپڪٽر نصير ڏاهري جي اڳواڻي ۾ گدام تي پهچي ٻورين جي ڳڻپ  پڻ ڪئي

ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ ڪميٽي طرفان ڪرايل ڳڻپ ۾ ٻوريون پوريون هيون جنهن بابت اختيارين کي رپورٽ به پيش ڪئي وئي آهي

معطل فوڊ انسپڪٽر خالد راڄپر رابطوبڪرڻ تي ٻڌايو ته مون تي الزام لڳايو ويو هو ته 5هزار ٻورين جو ايڊوانس بل ڪيو آهي ڪاميٽي ٻوريون جي ڳڻپ ڪئي اهي پوريون نڪتيون

ڪجهه ڏينهن اڳ فوڊ انسپيڪٽر خالد راڄپر کي معطل ڪيو ويو هو جنهن بعد هن هڪ وڊيو پيھام م ڪڻڪ جي غيرقانوني سمگلنگ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا هئا

Leave A Comment