فيض گنج (رپورٽر) فيض گنج لڳ نينگري سان ٻن جوابدارن جي مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي
علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڳوٺ مٺو چانگ لڳ 14سالن جي معصوم نياڻي (ا) سان مبينا طور تي زيادتي ڪئي وئي آهي
جوابدار طور اظهر چانگ ۽قاڪو آرائين جا نالا سامهون آيا آهن، ذريعن موجب جوابدار با اثر آهن ۽ متاثر نياڻي جي وارثن تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن
ذريعن موجب نينگري جي والد کي به با اثرن گم ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان رابطي تي پوليس چيو ته معاملي جي خبر پئي آهي، پوليس رواني ٿي وئي آهي، نينگري ۽سندس وارثن کي هٿ ڪرڻ بعد خبر پوندي ته اصل حقيقت ڇا آهي
فيضگنج ايس ايس پي خيرپور معاملي جو نوثيس ورتو پوليس نينگري انيتا ڊکڻ ۽سندس ناني ۽ڏاڏي کي ٿاڻي تي کڻي آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو ميڊيڪل ڪرائنداسين جيڪڏهن زيادتي ٿيل آهي ته ڪيس داخل ڪنداسين