فيض گنج(ن پ و) فيض گنج فيض گنج لڳ شاگردياڻي سان مبينا زيادٿي جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
ڳوٺ مٺو چانگ ويجهو ٻن جوابدارن مرتصي چانگ ۽ خالق چانگ ٽيوشن تي ويندڙ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شاهه گل ولد بنگل خان رند سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي
متاثر شاگردياڻي پيءُ سان گڏجي فيض گنج ٿاڻي تي ٻن ڄڻڻ خلاف اين سي داخل ڪرائي جنهن بعد پوليس ڳوٺ مٺو چانگ تي ڇاپو هڻي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا آهن، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، معاملي جي جاچ هلندڙ آهي