فيض گنج ويجهو ناري کي مبينا قيد ڪري تشدد ۽ زيادتي، مٿو ڪوڙي تذليل، 2 جوابدار گرفتار

جنوري 23, 2024

فيض گنج/ڪوٽ لالو (نمائندن وٽان) فيض گنج ويجهو ناري کي مبينا قيد ڪري تشدد ۽ زيادتي، مٿو ڪوڙي تذليل،  پوليس 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا

ڪوٽ لالو ٿاڻي جي ڳوٺ مٺو اسلامي واسي شادي شده عورت  22 سالن جي ريحانه زال سرفراز اسلامي کي 20ڏينهن اڳ ۾ مبينا طور تي چئين جوابدارن عاصم انصاف  راشد ۽ڪاشف اسلامي اغوا ڪرڻ بعد ويران جڳهه ۾ زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪري ڇڏيو هو

جوابدار ناري کي بيهوشي واري حالت ۾ سندس گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا، پاڙيوارن جي اطلاع تي سندس مائٽ ناري کي هٿ ڪري زخمي حالت ۾ ڪوٽ لالو ٿاڻي تي کڻي آيا جتان پوليس  ميڊڪيل لاءِ ليٽر ڏئي عورت کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

 ان سلسلي ۾ ناري جي مڙس سرفراز اسلامي ٻڌايو ته اسان فوتگي تي ويل هئاسين جنهن بعد جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي زال کي اغوا ڪري 20 ڏينهن تائين قيد ڪري ظلم ڪندا رهيا آهن

هن چيو ته جوابدار زال کي گهرا ٻاهران بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرارٿي ويا، جنهن بعد زال کي بيهوشي واري حالت ۾ ٿاڻي تي کڻي آياسين

 هن چيوته جوابدار عاصم اسلامي زال کي تنگ ڪندو هو، چوندو هو  دوستي رک نه ته اغوا ڪندس، زال جي جواب ڏيڻ تي جوابدارن زال کي اغوا ڪري قيد ڪري مٿو ڪوڙي تذليل ڪري گرم سرين سان جسم تي ڏنپ ڏنا آهن، هن الزام لڳايو ته  هڪ جوابدار عاصم اسلامي زال سان 20 ڏينهن تائين زيادتي ڪئي آهي

ٻئي طرف متاثر عورت جو چوڻ آهي ته  مون سرفراز سان گهران نڪري ڪجھه وقت اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان جوابدار ڪاوڙيل هئا، مڙس سان پلاند ڪرڻ لاءِ مون کي اغوا ڪري گرم سريا ڪري ڏنڀ ڏنا ويا

هن ٻڌيو تي مون تي تشدد ڪيو ويو، مٿو ڪوڙيو ويو، مون سان ظلم ڪيو ويو آهي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

 ناري جو ميڊيڪل پڻ سرڪاري اسپتال مان ڪرايو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ناري تشدد ۽ قيد ڪرڻ واري الزام هيٺ گرفتار ٿيل انصاف ۽عاصم اسلامي ٻڌايو ته اسان مٿان الزام آهن، اسان کي ڦاسايو پيو وڃي

سندن چوڻ هو ته اسان ريحانه کي اغوا يا تشدد نه ڪيو آهي، سندس مڙس پاڻ مٿو ڪوڙي اسان خلاف ڊرامو ٺاهيو ويو آهي، جاچ ڪرائي انصاف ڪرايو وڃي

گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن کي ڪوٽ لالو پوليس ميڊيڪل ۽ ڊي اين اي ٽسيٽ لاءِ اسپتال آندو جتي ٻنهي جوابدارن جي ڊي اين اي ڪرائي وئي آهي، اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن موجب ڊي اين اي جزا ورتا آهن، جيڪي ليبارٽري موڪليا ويا آهن

متاثر عورت ريحانه اسلامي جي فرياد تي ڄاڻايل  چئين جوابدارن تي ناري کي ڏنپ ڏيڻ قيد ڪري زيادتي ڪرڻ مٿو ڪوڙي تذليل ڪرڻ جي الزام هيٺ  ڪوٽ لالو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻن  جوابدار انصاف عاصم اسلامي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻن فرار جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن

Leave A Comment