فيض گنج ويجهو پسند شادي ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻ پلاند ۾ اغوا

آڪٽوبر 1, 2023

فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج  ڳوٺ  حسين پاتو  مان  هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري 14سالن جي تهمينا لاشاري کي اغوا ڪري ويا

 ان سلسلي ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ڇوڪري جي ماءُ نصرت  لاشاري صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيوته پٽ نديم لاشاري راڄپر برادري سان تعلق رکندڙ ناري  سويرا راڄپر سان پيار پرڻو ڪيو آهي جنهن جي پلاند ۾ منهنجي ڌي تهمينا کي محبوب لاشاري ۽ راڄپر برادري سان تعلق رکندڙ هٿيار بند اغوا ڪري ويا آهن

 هن چيو ته  ڌيءَ جي اغوا واقعي خلاف فيض گنج ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، خطرو آهي ته پلاند ۾ ڌيءَ کي زبردستي شادي ڪرائي ويندي يا قتل ڪئي ويندي

 هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته ڌيءَ کي بازياب ڪرايو، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفوظ فراهم ڪيو وڃي

 ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فيض گنج پوليس ٻڌايو ته ڇوڪري جي اغوا بابت اطلاع مليو آهي، معاملي جي جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي

Leave A Comment