فيض گنج ويجھو معصوم ٻارڙي سان زيادتي ڪوشش، جوابدار گرفتار

آگسٽ 4, 2023

فيض گنج (ن پ ا)  فيض گنج لڳ 7ورهين جي ٻارڙي  سان زيادتي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ٻارڙي اسپتال داخل، ڪيس داخل نه ٿيو، ان ڏس ۾  ڳوٺ بصيرو ۾ گذريل رات دير سان 7 ورهين جي فريال ولد ملازم راڄپر سان دڪان ۾ زبردستي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار عاصم راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو  آهي

ٻي طرف ٻارڙي پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو  ته دڪان تان شي وٺڻ ويس ته جوابدار دڪان ۾ واڙي زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ غلط حرڪت ڪئي، دانهن تي رهواسين پهچي بچايو

Leave A Comment