فيض گنج پوليس پاران تذليل جو شڪار عورت جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

جُون 16, 2023

فيض گنج  ( ن پ و) فيض گنج ڀرسان  مٿي جا وار ڪتري تذليل جو شڪار ٿيل سعديا راڄپر  جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڳوٺ لکمڻ راڄپر ۾ رات  جوابدارن امجد راڄپر جي گهر ۾ داخل ٿي سندس گهر ڀاتين تي تشدد ڪري زال سعديا جي مٿي جا وار ڪتري تذليل ڪئي هئي جنهن جي فيض گنج پوليس صرف اين سي داخل ڪئي، ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

امجد راڄپر جو چوڻ آهي ته نوشاد قربان شبير مهتاب مشتاق راڄپر ۽ٻين زمين تڪرار تان گهر تي ڪاهه ڪري ڀاتين تي تشدد ڪري منهنجي گهر واري جي مٿي جا وار ڪتري تذليل ڪئي فيض گنج پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي

متاثر ڳوٺاڻي وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته  ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave A Comment