فيض گنج ڀرسان خوفناڪ حادثو، خوني ٽرالر هڪ خاندان جا 4 ڀاتي چيڀاٽي ماري ڇڏيا: لاش رکي ڌرڻو

فيض گنج ڀرسان خوفناڪ حادثو، خوني ٽرالر هڪ خاندان جا 4 ڀاتي چيڀاٽي ماري ڇڏيا: لاش رکي ڌرڻو

فيض گنج(رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج ڀرسان ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 معصوم ٻار ۽ ماءُ فوت، سندن پيءُ زخمي، لاش رکي ڌرڻو، مهراڻ هاءِ وي تي سلطان ڪوٽ اسٽاپ وٽ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن معصوم ٻارن سميت سندن امڙ به فوت ٿي وئي، سندن پيءُ مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 6 ورهين جو ڪرم شر، 4 ورهين جو رحم شر، 7 ورهين جو شيراز شر ۽ سندن ماءُ اميران شر شامل آهن، جڏهن ته ٻارڙن جو پيءُ غلام رضا شر سخت زخمي ٿي پيو، ٻڌايو پيو وڃي ته علائقي واسين پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، وارثن پاران فوتي ٿي ويل ٻارن جا لاش رکي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، فوتين جي وارثن مجاهد شر قمبر شر ۽ٻين چيو ته مهراڻ وي تي وڏيون گاڏيون هلن ٿيون، جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهو فوت ٿيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت مختلف عدالتن ۾ وڪيلن سياسي سماجي ماڻهن پاران وڏين گاڏين تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ پنٽيشن پڻ داخل ڪرايو ويو آهن، پر ان باوجود پوليس وڏين گاڏين وارن کان ڀتو وٺي گاڏين کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري روڊ تي وڏين گاڏين جي گذرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، ٻي طرف 5 ڪلاڪ ڌرڻي بعد فيض گنج پوليس مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن اندر حادثو ڪندڙ ٽرالر کي هٿ ڪرائڻ جي يقين ڏياريو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.