| فيض گنج ۾ ايڪتا ريلي ڪڍڻ تي 12 ڄڻن خلاف ڪيس داخل |
فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ ايڪتا ريلي ڪڍڻ تي قومپرست تنظيم جي 6 سڄاتل 8 اڻ سڄاتل ڪارڪنن خلاف فيض گنج ٿاڻي تي انسپڪٽر غلام رسول شر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ سڪندر شر، صدام شر، اعجاز، رحمت الله، عبدالڪيم ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن پاران مهراڻ هاءِ وي کان ايڪتا ريلي ڪڍي پڪاچانگ چوڪ تي پهچي ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي وئي.