فيض گنج ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو: تشدد ۾ عورت مرڻينگ

مَي 13, 2023

فيض گنج (ن پ ا)  فيض گنج لڳ جوابدارن گهر ۾َداخل ٿي تشدد ڪري عورت کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڳوٺ ڪرم خان راڄپر ۾َ جوابدار  حبدار صدرو سميت 7جوابدارن گهر تي حملو ڪري  شڪيلان راڄپر  تي تشدد ڪري هن کي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ زخمي عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته  جوابدارن سان تڪرار هلندڙ آهي جن گهر تي حملو ڪري  شڪيلان تي تشدد ڪرڻ سان گڏ سندس مٿي جا وارا پٽي تذليل پڻ ڪئي آهي  هنن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪرايو وڃي.

Leave A Comment