| فيض گنج ۾ ڄاڃي عورتن مٿان حملو، تشدد، ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي |
فيض گنج(ن پ ا) فيض گنج ڳوٺ مهاڙي ۾َگهوٽ جاويد ماڇي کي ميندي لڳائي عورتون رڪشا تي جلالجي چودڳي واپس گهر پئي ويون ته جوابدارن رڪشا کي روڪي عورتن تي تشدد ڪري ناري سپنا ڌي اوشاق ماڇي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ناري زخمي ٿي پئي جنهن کي فيض گنج جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ناري جي ماءُ سسئي ماڇي چيو ته ڳوٺ مهاڙي ۾ شادي تقريب هئي، جتي گهوٽ جاويد ماڇي کي ميندي لڳائي واپس گهر ويندي مجيداڻو برادري سان تعلق رکندڙ 8 جوابدارن حملو ڪري عورتن مٿان تشدد ڪيو، ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي سپنا کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو ويو، هن چيو ته ڪوٽ لالو پوليس وٽ وياسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.