فيفا ورلڊڪپ دوران ميچن، گولن سان گڏ ڌمڪين جو به طوفان

فيفا ورلڊڪپ دوران ميچن، گولن سان گڏ ڌمڪين جو به طوفان

واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) 2026 جي فيفا ورلڊ ڪپ دوران سيڪيورٽي خطرن بابت ليڪ ٿيل پوليس ڊوزيئر فٽبال جي دنيا کي ڏڪائي ڇڏيو آهي. ورلڊ ڪپ جي ميزباني آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪيناڊا ڪئي هئي، جڏهن ته اسپين فائنل ۾ ارجنٽائن کي 0-1 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو. ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي کي تقريب دوران ڪيترن ئي حملن جي ڌمڪي ڏني وئي هئي. اردن خلاف ميچ کان اڳ، هڪ شخص ڊيلاس ايئرپورٽ تي فون ڪيو ۽ اسٽيڊيم تي دستي بم ۽ رائفل سان حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. مصر خلاف ميچ کان اڳ، هڪ شخص سوشل ميڊيا تي ميسي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني. ساڳئي ميچ دوران بم ڊسپوزل ماهرن ۽ تربيت يافته ڪتن اسٽيڊيم جي ڪچري جي ڪينن ۾ بم رکڻ جون رپورٽون ملڻ کان پوءِ سرچ آپريشن ڪيو، پر ڪو به ڌماڪيدار مادو نه مليو. ٻئي طرف ڪرسٽيانو رونالڊو جي رهائشگاهه بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جو به انڪشاف ٿيو، جڏهن ته هڪ شڪي شخص مبينا طور تي مداح جي روپ ۾ سندس هوٽل تي پهتو. ريفري فرانڪوئس ليٽڪسيئر کي ارجنٽائن-مصر ميچ جي فيصلي کان پوءِ هزارين ڌمڪيون ڏيندڙ پيغام پڻ مليا. ان دوران، رانديگرن اليگزينڊر سورلوٿ ۽ جي-هون ڪيمپاز کي اهم موقعا وڃائڻ تي موت جي ڌمڪي ڏني وئي.