| فيفا ورلڊ ڪپ: ميڪسيڪو 40 سالن کانپوءِ پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو: اڪواڊور کي شڪست |
ميڪسيڪو سٽي(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ميڪسيڪو 40 سالن کانپوءِ پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، اڪواڊور کي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ شڪست نصيب ٿي. اڪيواڊور واپسي جي ڪوشش ڪئي پر ميڪسيڪو جي منظم دفاعي حڪمت عملي آڏو کيس ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي ميزبان ميڪسيڪو اڪيواڊور کي 0-2 تان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڪسيڪو سٽي جي ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ اهو مقابلو تيز برسات ۽ گجگوڙ سبب هڪ ڪلاڪ جي دير سان شروع ٿيو، پر راند جي شروعات کانپوءِ ميزبان ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي شروعات کان ئي حريف تي دٻاءُ برقرار رکيو. ميڪسيڪو پهرين 10 منٽن ۾ ڪيترائي خطرناڪ حملا ڪيا ۽ جلد ئي جوليان ڪوئنينس بال کي جاري (گول پوسٽ) ۾ پهچائي ٽيم کي برتري ڏياري ڇڏي. ڪجهه دير کانپوءِ رائول خيمينيز اڪيواڊور جي ڊيفينڊر جي غلطي جو فائدو وٺندي گول ڪري برتري کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اڪيواڊور واپسي جي ڪوشش ڪئي پر ميڪسيڪو جي منظم دفاعي حڪمت عملي آڏو کيس ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي. گونزالو پلاٽا جي هڪ ڪوشش ٽارگيٽ جي ويجهو ته پهتي پر نتيجو خيز ثابت نه ٿي سگهي. ميچ جي آخري لمحن ۾ اڪيواڊور جون مشڪلاتون ان وقت وڌيڪ وڌي ويون جڏهن پيرو هنڪاپيي کي مخالف رانديگر سان ڳالهائڻ دوران منهن ڍڪڻ تي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو. ان ڪاميابي کانپوءِ ميڪسيڪو هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ انگلينڊ يا ڊي آر کانگو مان ڪنهن هڪ ٽيم جو مقابلو ڪندي. واضح رهي ته اها ميڪسيڪو جي 1986 کانپوءِ فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهرين ڪاميابي آهي.