| فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع تاريخ جو ڪامياب ترين ٽورنامينٽ ثابت: 15 ارب ڊالر کان وڌيڪ آمدني |
نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي آمدني 15 ارب ڊالرن کان وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، فيفا صدر جياني انفانٽينوفيفا جو چوڻ آهي ته ٽورنامنٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني سڄي دنيا ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ تي خرچ ڪئي ويندي.صدرفيفا جي صدر جياني انفانٽينو جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي غير معمولي ڪاميابيءعالمي فٽبال ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪيا آهن، جڏهن ته ٽورنامنٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني 15 ارب ڊالرن کان به وڌي سگهي ٿي. نيويارڪ ۾ ورلڊ ڪپ فائنل کان هڪ ڏينهن اڳ فيفا جي 211 ميمبر ملڪن جي ايسوسييشنز جي نمائندن سان خطاب ڪندي جياني انفانٽينو چيو ته فيفا هڪ غير منافعي بخش ادارو آهي ۽ پنهنجي ٽورنامنٽن مان حاصل ٿيندڙ آمدني سڄي دنيا ۾ فٽبال جي واڌاري تي خرچ ڪندو آهي.هن چيو ته 2023 کان 2026 جي مالياتي دور ۾ فيفا جي مجموعي آمدني 15 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪا عالمي فٽبال جي ترقيءَ لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندي. انفانٽينو موجب ورلڊ ڪپ 2026 فيفا لاءِ نوان تجارتي ۽ مالي موقعا پيدا ڪيا آهن، جن مان حاصل ٿيندڙ وسيلا سڄي دنيا ۾ فٽبال جي ترقي ۽ ميمبر ملڪن جي مدد لاءِ استعمال ڪيا ويندا. هن چيو ته مالي ڪاميابيءَ جو دارومدار راند جي معيار تي هوندو آهي ۽ جيڪڏهن فيفا راند جي ميدان ۾ درست فيصلا ڪندو رهيو ته تجارتي ڪاميابيون به ساڳي رفتار سان وڌنديون رهنديون.فيفا صدر وڌيڪ ٻڌايو ته 2027 کان 2030 جي ترقياتي پروگرام لاءِ فنڊنگ وڌائي 2.7 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جيڪو ان پروگرام جي شروعات جي ڀيٽ ۾ اٺ گڻا وڌيڪ هوندو. جياني انفانٽينو موجب سندس صدارت دوران فيفا هينئر تائين سڄي دنيا جي ميمبر فٽبال ايسوسييشنز ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ مجموعي طور تي 5.1 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي ۽ ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاريءَ کي وڌيڪ وسعت ڏني ويندي.