| فيفا ۾ بحران شدت اختيار ڪري ويو، ٽن وڏين ڪنفيڊريشنز پاران صدر گياني انفينٽينو تي بي اعتمادي |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم ‘فيفا’ ۾ صدر گياني انفينٽينو خلاف اختلاف شديد ٿي ويا آهن. يورپي فٽبال جي تنظيم ‘يوئيئفا’، ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) ۽ اتر و وچ آمريڪا ۽ ڪئريبين جي تنظيم ‘ڪونڪاڪاف’ گڏيل خط ذريعي انفينٽينو جي طرزِ عمل تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ٽنهي ڪنفيڊريشنز ورلڊ ڪپ جي تجارتي حقن ۾ 20 سيڪڙو حصو خانگي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ جي تجويز ڪيل اسڪيم تي تنقيد ڪندي چيو ته ان معاملي تي گڏيل اعتماد کي نقصان پهچايو. سندن موجب ان منصوبي مان تقريبن 4.2 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو حدف هو، شديد مخالفت کانپوءِ ان کي ترڪ ڪيو ويو. گڏيل بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته معاملي جي مڪمل طور آزادانه تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ فٽبال ۾ اهڙي قيادت هجڻ گهرجي جيڪا راند جي اجتماعي مفاد کي ترجيح ڏئي. ذريعن موجب يوئيئفا، اي ايف سي ۽ ڪونڪاڪاف ايندڙ فيفا ٽورنامينٽس جي بائيڪاٽ تي به غور ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي آفريقي ڪنفيڊريشن سميت ڪيئي ملڪن انفينٽينو جي حمايت جاري رکي آهي، جنهن سان فيفا جو اندروني بحران وڌيڪ نمايان ٿي ويو آهي.