فيلڊ مارشل عاصم منير 2030ع تائين ملڪ جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر: صدر منظوري ڏئي ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري

فيلڊ مارشل عاصم منير 2030ع تائين ملڪ جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر: صدر منظوري ڏئي ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو)  صدر آصف علي زرداري پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ملڪ جو پهريون  چيف آف ڊيفنس فورسز  مقرر ڪرڻ  ۽ چيف آف ايئر اسٽاف جي مدت ملازمت  ۾ ٻن سالن جي  توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي.تفصيل موجب  وزير اعظم محمد شهباز شريف ڪالھ  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ چيف آف ڊيفنس فورسز مقرري جي سمري منظوريءَ لاءِ ايوان صدر اماڻي ڇڏي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ چيف آف ڊيفنس فورسز به هوندو. هي مقرري پنجن سالن جي لاءِ آهي۔فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملڪ جو پهريون چيف آف ڊيفنس فورسز هوندو. وزير اعظم شهباز شريف چيف آف ايئر اسٽاف، ائير چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌهو جي مدت ملازمت ۾ به ٻه سال جي توسيع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ هن توسيع جو اطلاق اُن جي پنج ساله مدت ملازمت جي مارچ 2026 ۾ مڪمل هجڻ تي هوندو. وزير اعظم پاران اهڙي سمري ملڻ بعد صدر پاران به  ان جي منظوري ڏني وئي آھي ايوان صدر جي ترجمان مطابق  صدر آصف علي زرداري وزيراعظم پاران اماڻيل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز طور پنجن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري اِن سان گڏ ايئر چيف مارشل ظاهر احمد بابر سنڌو چيف آف ايئر اسٽاف جي موجوده مدت ملازمت ۾ ٻه سال جي توسيع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا اُن جي موجوده پنج سالا مدت ملازمت جي 19 مارچ 2026 تي مڪمل ٿيڻ بعد لاڳو ٿيندي۔ صدر آصف علي زرداري چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آفايئر اسٽاف جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو آهي. ٻئي طرف ايوان صدر ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ملڪ هتان کان هاڻ ترقي جي بلندين کي ڇهندو. هن چيو ته سڀ ٺيڪ آهي، شيون بهتري ڏانهن وڌي رهيون آهن، سڀ ڪجهه اوهان جي سامهون آهي، ملڪ هاڻ هتان کان ترقي جي بلندين ڏانهن سفر شروع ڪندو