فيلڊ مارشل کي ڌمڪي پاڪستان خلاف اعلان جنگ آهي: نواز ليگ

فيلڊ مارشل کي ڌمڪي پاڪستان خلاف اعلان جنگ آهي: نواز ليگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ يو ڪي چيپٽر طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير کي قتل جي ڌمڪين تي مبني وائرل وڊيو کليل غداري ۽ رياست پاڪستان خلاف اعلان جنگ آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته هي سياست نه پر ملڪ دشمن ايجنڊا ۽ پرڏيهي سرپرستي هيٺ هلندڙ زهر آلود پروپيگنڊا آهي. قومي سلامتي جي محافظن کي نشانو بڻائڻ ناقابل معافي ڏوهه آهي.